حيدرآباد: قاسم آباد ۾ ٻن ڄڻن کي گاڏي سان چيڀاٽيندڙ مک جوابدار گرفتار

1 Min Read

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ ڪار جي ٽڪر سان ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي سخت زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب جي ايم بي ڪالوني کان عبدالله سينٽر ويندڙ روڊ تي ڪار نمبر BTE-803 موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجڻ سبب سڪندر علي جکراڻي ۽ عبدالقادر عباسي سخت زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي کانپوءِ ماڻهن ڪار کي گهيري ورتو ۽ ڊرائيور کي پڪڙي تشدد ڪيو، جنهن بعد قاسم آباد پوليس پهچي جوابدار آصف مشهود قاضي کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس سڪندر علي جکراڻي جي سئوٽ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Share This Article
Leave a Comment