جيڪب آباد: ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ٻارڙا واهن ۾ ڪري ٻڏي فوت

1 Min Read

جيڪب آباد (حاڪم علي) جيڪب آباد ۾ ٻن ڪلاڪن دوران واهن ۾ ٻڏي 2 ٻار فوت ٿي ويا، جنهن سبب ٻنهي خاندانن ۾ ڪهرام مچي ويو.

مسلم ڪالوني جي 8 ورهين جي ويران چاچڙ رندواهي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. وارثن موجب نينگري شيءِ وٺڻ لاءِ نڪتي هئي ته پير ترڪڻ سبب واهه ۾ ڪري پئي.

ٻئي واقعي ۾ نيو واٽر سپلاءِ ڀرسان ڌيرڻ واهه ۾ 4 ورهين جو ابراهيم جکراڻي ٻڏي فوت ٿي ويو. وارثن موجب نينگر گهر ٻاهران راند ڪندي واهه ۾ ڪري پيو.

ٻنهي ٻارن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گهر پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.

Share This Article
Leave a Comment