ڪولمبيا ۾ 7.4 شدت جو زلزلو، 20 ڄڻا فوت، عمارتون ملبي جو ڍير، ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺ دٻيل

1 Min Read

ڪولمبيا ( ويب ڊيسڪ )  ڏکڻ آمريڪي ملڪ ڪولمبيا جي اولهه واري علائقي ۾ 7.4 شدت جي زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

خبر ايجنسي موجب زلزلي جا شديد لوڏا پاڙيسري ملڪ ايڪواڊور ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ ماڻهو خوف وچان گهرن ۽ عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا.

ڪولمبيا جي شهر ڪيلي جي ميئر موجب زلزلي سبب شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 عمارتون ڊهي پيون، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن جي ملبي هيٺ دٻيل هجڻ جا اطلاع آهن.

ميئر جو چوڻ آهي ته امدادي ڪاررواين لاءِ گادي واري شهر بوگوٽا ۽ ميڊيلين مان خاص ريسڪيو ٽيمون طلب ڪيون ويون آهن.

آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جو مرڪز چوڪووا علائقي جي ميونسپلٽي سان خوسې ڊيل پالمر ۾ هو، جيڪو گادي واري شهر بوگوٽا کان تقريباً 400 ڪلوميٽر اولهه ۾ واقع آهي.

زلزلي کانپوءِ متاثر علائقن ۾ امدادي ۽ ريسڪيو ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته اختيارين نقصانن ۽ وڌيڪ جاني نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment