سپريم ليڊر آيت الله مجبتى خامنه اي مڪمل طور تي صحتياب آهن: ايراني صدر

1 Min Read

تهران: ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته سپريم ليڊر آيت الله مجبتى خامنه اي مڪمل طور تي صحتياب آهن.

پنهنجي بيان ۾ ايراني صدر ٻڌايو ته سپريم ليڊر سان سندس 7 ڪلاڪن تي ٻڌل ڊگهي ملاقات ٿي، جنهن دوران ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ مختلف چئلينجن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مسعود پزشڪيان موجب، ملاقات دوران مجبتى خامنه اي کيس مختلف معاملن بابت رهنمائي فراهم ڪئي، جڏهن ته هن سپريم ليڊر کي ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ پنهنجي خدشن کان به آگاهه ڪيو.

ايراني صدر چيو ته ملاقات ۾ سپريم ليڊر قومي اتحاد ۽ يڪجهتي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو.

مسعود پزشڪيان وڌيڪ ٻڌايو ته ملاقات دوران عوام جي معاشي صورتحال، روزگار جي موقعن ۽ آمريڪي پابندين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment