تهران: ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا طرفان پابندين ۾ واڌ هاڻي رڳو پاليسي نه، پر هڪ مستقل عادت بڻجي چڪي آهي.
اسماعيل بقائي پنهنجي بيان ۾ چيو ته واشنگٽن جڏهن سفارتي ذريعن سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو آهي ته پابندين کي دٻاءَ جي اوزار طور استعمال ڪندو آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن پابندين مان آمريڪا کي گهربل نتيجا حاصل نه ٿيندا آهن ته هو انهن ۾ وڌيڪ سختي آڻڻ شروع ڪندو آهي، جيڪا هاڻي آمريڪي پاليسي کان وڌي عادت جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پابندين جو اهو سلسلو آمريڪا لاءِ هڪ اهڙي جنون جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن سبب واشنگٽن حقيقتن کي سمجهڻ ۽ مناسب انداز ۾ سوچڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺو آهي.
اسماعيل بقائي واضح ڪيو ته ايران آمريڪا جي انهن پراڻن ۽ بار بار آزمائيل دٻاءَ وارن ٽِڪساٽ سامهون ڪنهن به صورت ۾ هٿيار نه وجهندو.


