واشنگٽن ڊي سي: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوج هرمز لنگهه مان بارودي سرنگون هٽائڻ جو عمل مڪمل ڪري ڇڏيو آهي.
اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن وقت هرمز لنگهه تي آمريڪي نيوي جو ڪنٽرول آهي ۽ لنگهه جي ناڪابندي به مضبوط نموني برقرار آهي.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪي فوج لوهي ڀت جيان مضبوط آهي ۽ هرمز لنگهه ۾ رڳو انهن جهازن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، جن کي آمريڪا اجازت ڏيڻ چاهي ٿو.
سندس چوڻ هو صورتحال ان ڪري ڪجهه منجهيل آهي، ڇاڪاڻ ته ايران وقت بوقت سامونڊي لنگهه ۾ بارودي سرنگون وڇائي ڇڏيندو آهي، جن جي آمريڪي فوج نشاندهي ڪري ٿي.
ايراني معاملي تي ڳالهين کانپوءِ آمريڪا جي ايندڙ حڪمت عملي بابت ٽرمپ وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان پاسو ڪيو، جڏهن ته هن خبردار ڪيو ته واشنگٽن ايران خلاف پنهنجي ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪري سگهي ٿو.
آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن ايران جنگ دوران ٿيل نقصان تي آمريڪا کان معاوضو گهري رهيو آهي ته پوءِ تهران کي به انهن مارجي ويل ماڻهن ۽ زخمين جو معاوضو ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪي ايراني حملن سبب متاثر ٿيا.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هن پنهنجي نمائندن کي واضح هدايتون ڏنيون آهن ته ايران سان مستقبل ۾ ٿيندڙ ڳالهين دوران معاوضي جو معاملو اهميت سان اٿاريو وڃي.


