مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس: جوابدارن جي بريت خلاف اپيلن تي ٻڌڻي، قانوني نڪتي تي عدالت جا سوال

3 Min Read

ڪراچي: (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پٽ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ٻين جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت مرحوم پوليس آفيسر شاهد حيات بابت پڇاڻو ڪندي سوال ڪيو ته ڪيس ۾ سندس حيثيت ڪهڙي هئي؟ عدالت پڇيو ته جيڪڏهن هو بري ٿي چڪو هو ته پوءِ سندن اپيل ڇو موجود آهي ۽ سندن ڀاءُ طرفان درخواست ڇو داخل ڪئي وئي آهي؟

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل واري واقعي بابت ٻه ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون هيون. هڪ ڪيس ۾ شاهد حيات بري ٿي چڪو هو، جڏهن ته ٻئي ڪيس ۾ سندن اپيل موجود آهي.

عدالت اهو به سوال ڪيو ته فريادي جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ اپيل داخل ڪري سگهي ٿو يا نه؟

وڪيل عامر منصور چيو ته ساڳئي نوعيت جو قانوني سوال نقيب الله قتل ڪيس ۾ به سامهون آيو آهي، تنهن ڪري ٻنهي معاملن کي گڏ ڪري ڏٺو وڃي. وڪيل جو موقف هو ته اولاد يا بيواهه جي بدران ڀاءُ کي ڪيس جي پيروي ڪرڻ جو قانوني اختيار حاصل ناهي.

عدالت قانوني نڪتي بابت ڌرين کي درخواستون جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران جونيئر وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سينيئر وڪيل فيصل صديقي سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهن، جنهن سبب مرڪزي اپيلن تي ٻڌڻي به ملتوي ڪئي وئي.

وڪيلن موجب ڪيس جا ڪيترائي جوابدار فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني، آغا محمد جميل ۽ مسعود شريف شامل آهن.

مير مرتضيٰ ڀٽو کي 20 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي جي علائقي ٻه تلوار ڀرسان مبينا پوليس مقابلي دوران ماريو ويو هو. واقعي بابت ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جن مان هڪ سرڪار ۽ ٻيو مير مرتضيٰ ڀٽو جي وارثن جي فرياد تي داخل ڪيو ويو.

ٽرائل ڪورٽ ٻنهي ڪيسن ۾ سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ بريت خلاف اپيلون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پهتيون.

Share This Article
Leave a Comment