تلهار: (رپورٽر) وارڊ نمبر 7 جي رهواسي ظفر لغاري جو 4 مهينن جو پٽ ملهار حسين لغاري مبينا طور نجي ڪلينڪ ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو.
وارثن ٻار جو لاش تلهار ٿاڻي آڏو رکي احتجاج ڪيو. والد ظفر لغاري الزام هنيو ته بخار سبب ٻار کي ڊاڪٽر راج ڪمار لوهاڻه جي ڪلينڪ تي آندو، جتي انجيڪشن لڳائڻ کانپوءِ سندس طبيعت خراب ٿي وئي. بعد ۾ کيس بدين منتقل ڪيو ويو، جتي ٻار فوت ٿي ويو.
فوتي جي والد جي فرياد تي ڊاڪٽر راج ڪمار ۽ عملي خلاف تلهار ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوليس طرفان ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.


