ڀٽ شاهه: سرڪاري اسپتال ۾ مبينا غفلت سبب پرائمري ماسترياڻي ٻار سوڌو فوت، وارثن جو احتجاج

1 Min Read

ڀٽ شاهه: (رپورٽ: علي رضا ميرجت) سرڪاري اسپتال ۾ علاج لاءِ آيل ڳورهاري پرائمري اسڪول ٽيچر حنا بانو سولنگي مبينا طور بروقت طبي سهولتون نه ملڻ سبب ٻار سميت فوت ٿي وئي. واقعي خلاف وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن احتجاج ڪيو.

وارثن موجب حنا بانو کي تڪليف جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، جتي هوءَ اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين تڙپندي رهي، پر عملي پاران کيس معمولي تڪليف قرار ڏنو ويو. طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، پر عورت رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي.

حنا بانو جي مڙس محرم ماڇي مبينا غفلت جو الزام هڻندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

واقعي خلاف پيپلز پارٽي ڀٽ شاهه جي صدر سيد احسن شاهه لطيفي، شيعا علماءِ ڪائونسل ضلعي مٽياري جي صدر مولانا جواد هادي ۽ ٻين اڳواڻن احتجاج ڪندي شفاف جاچ ۽ اسپتال جي انتظاميا سميت ذميوار ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment