اي آءِ تصويرون ڏيکاري شادي وارو ڪيس، رضيه لاشاري جي وڪيل الزام رد ڪري ڇڏيا

1 Min Read

ڪراچي: (رپورٽر) اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر غلام رسول انڙ جي اڳوڻي گهرواري رضيه لاشاري خلاف اي آءِ تصويرن ذريعي شادي ڪرڻ جي الزام واري درخواست تي ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي.

رضيه لاشاري جي وڪيل درخواست تي اعتراض جمع ڪرائيندي الزام رد ڪيا ۽ چيو ته معاملو اڳ ئي اين سي سي آءِ اي ۾ التوا هيٺ آهي.

وڪيل موجب شادي کان اڳ فليٽ، ماهوار 5 لک رپيا ۽ 50 ايڪڙ زمين ڏيڻ جا شرط حلف نامي ذريعي طئي ڪيا ويا هئا، جڏهن ته بعد ۾ ماهوار رقم هڪ لک رپيا مقرر ڪئي وئي.

غلام رسول انڙ جي وڪيل اعتراضن جو جائزو وٺڻ لاءِ مهلت گهري، جنهن تي عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Share This Article
Leave a Comment