واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي هرمز هرمز جي معاملي تي عمان کي سخت ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن عمان آمريڪا جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ بڻيو ته ان خلاف فوجي ڪارروائي ڪئي ويندي. ٽرمپ جا اهي بيان فاکس نيوز سان فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران سامهون آيا.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا وٽ اڃا به وڏي مقدار ۾ هٿيار موجود آهن ۽ هن وقت تائين استعمال ڪيل هٿيارن جو ذخيرن جي مقابلي ۾ حصو تمام گهٽ آهي. هن ايران تي پڻ زور ڏنو ته هو هٿيار ڦٽا ڪري سرينڊر جو اعلان ڪري.
ٻئي طرف ايران ۽ عمان آبنائي هرمز هرمز مان سامونڊي آمدرفت بحال ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ مصروف آهن. رپورٽن موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ جهازن جي گذر لاءِ نئين رستي بابت به اڳڀرائي ٿي آهي.
ٽرمپ وڌيڪ ٻڌايو ته ايران سان جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي ڪا جلدي ناهي ۽ واشنگٽن جو ايران جي پاسدارانِ انقلاب سان سڌو بيڪ چينل رابطو پڻ قائم آهي.
آبنائي هرمز هرمز عالمي توانائي جي فراهمي لاءِ انتهائي اهم سامونڊي رستو آهي، تنهن ڪري هتي وڌندڙ ڇڪتاڻ سان عالمي تيل ۽ گئس جي مارڪيٽن تي به اثر پوڻ جو خدشو آهي.


