هالا:  ڀيل موري هٿياربندن جي واردات، واپاري کان 25 لک رپيا ڦر

2 Min Read

هالا ( رپورٽ: عامر علي انڙ ) هالا جي ڀيل موري وٽ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن واپاري جي دڪان تي چڙهائي ڪري 25 لک رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

تفصيل موجب ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن نامعلوم هٿياربندن واپاري نواز راجپوت جي دڪان ۾ داخل ٿي کيس يرغمال بڻايو ۽ سندس قبضي مان 25 لک رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون کسي ورتو. واردات کانپوءِ جوابدار آساني سان موٽرسائيڪلن تي فرار ٿي ويا.

ڏينهن ڏٺي جو ڦر جي واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جڏهن ته واپاري برادري ۾ پڻ سخت ڳڻتي پيدا ٿي آهي.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، جڏهن ته ايس ايس پي مٽياري عبدالعليم بلو پڻ ڀيل موري پهچي واپاري کان واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا ۽ واردات واري هنڌ جو جائزو ورتو.

پوليس موجب جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ مختلف رخن کان واقعي جي جاچ جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ دستياب معلومات ۽ ٻين ذريعن کان مدد ورتي پئي وڃي.

علائقي واسين ۽ واپاري برادري مطالبو ڪيو آهي ته ڏينهن ڏٺي جو ڦر ڪندڙ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائي وڃي، جڏهن ته علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس گشت ۾ پڻ اضافو ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment