دادو: زين جيولرز تان هڪ ڪروڙ رپين جي سون جي مبينا چوري جو ڊراپ سين، دڪاندار پاڻ ملوث نڪتو

4 Min Read

داد ( رپورٽ: الله بخش خشڪ ) دادو شهر جي شاهي بازار ۾ زين جيولرز تان دڪاندار دانش جويو کي نشي آور شيءِ سِنگهائي تقريبن هڪ ڪروڙ رپين جا سونا زيور چوري ٿيڻ واري مبينا واردات جو ڊراپ سين ٿي ويو آهي.

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز جو جائزو وٺڻ سان گڏ شڪي ماڻهن ۽ دڪاندار دانش جويو کان پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن دوران واردات جون اصل حقيقتون سامهون آيون.

ايس ايس پي موجب جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته مبينا چوري جي واردات ۾ دڪاندار دانش جويو پاڻ ملوث هو، جنهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب دانش جويو جيولرز شاپ جي اصل مالڪ منصف جويو جو سئوٽ آهي ۽ سندس سان گڏ دڪان سنڀاليندو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جاچ دوران مبينا طور ڏوهه جو اعتراف ڪيو ۽ ٻڌايو ته حيدرآباد واسي سندس سالو ارشد جويو پڻ واردات جي منصوبابندي ۽ ان کي انجام ڏيڻ ۾ ساڻس گڏ هو.

ايس ايس پي موجب ٻنهي جوابدارن واردات کان ڪجهه ڏينهن اڳ منصوبابندي ڪئي ۽ سون چوري ڪرڻ کانپوءِ واقعي کي ڦر يا چوري جو رنگ ڏيڻ لاءِ مبينا طور ڊرامو رچايو.

پوليس گرفتار جوابدار دانش جويو جي قبضي مان 152 گرام، يعني تقريبن 13 تولا سون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻيو جوابدار ارشد جويو اڃا تائين فرار آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري فرار جوابدار جي گرفتاري ۽ باقي سون بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.داد ( رپورٽ: الله بخش خشڪ ) دادو شهر جي شاهي بازار ۾ زين جيولرز تان دڪاندار دانش جويو کي نشي آور شيءِ سِنگهائي تقريبن هڪ ڪروڙ رپين جا سونا زيور چوري ٿيڻ واري مبينا واردات جو ڊراپ سين ٿي ويو آهي.

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز جو جائزو وٺڻ سان گڏ شڪي ماڻهن ۽ دڪاندار دانش جويو کان پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن دوران واردات جون اصل حقيقتون سامهون آيون.

ايس ايس پي موجب جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته مبينا چوري جي واردات ۾ دڪاندار دانش جويو پاڻ ملوث هو، جنهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب دانش جويو جيولرز شاپ جي اصل مالڪ منصف جويو جو سئوٽ آهي ۽ سندس سان گڏ دڪان سنڀاليندو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جاچ دوران مبينا طور ڏوهه جو اعتراف ڪيو ۽ ٻڌايو ته حيدرآباد واسي سندس سالو ارشد جويو پڻ واردات جي منصوبابندي ۽ ان کي انجام ڏيڻ ۾ ساڻس گڏ هو.

ايس ايس پي موجب ٻنهي جوابدارن واردات کان ڪجهه ڏينهن اڳ منصوبابندي ڪئي ۽ سون چوري ڪرڻ کانپوءِ واقعي کي ڦر يا چوري جو رنگ ڏيڻ لاءِ مبينا طور ڊرامو رچايو.

پوليس گرفتار جوابدار دانش جويو جي قبضي مان 152 گرام، يعني تقريبن 13 تولا سون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻيو جوابدار ارشد جويو اڃا تائين فرار آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري فرار جوابدار جي گرفتاري ۽ باقي سون بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment