ملير ۾ سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ وارو معاملو، اڳوڻي ڊي سي سميت 11 جوابدارن خلاف ڪارروائي جي سفارش

3 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملير ضلعي جي ايئرپورٽ سب ڊويزن ۾ سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ، ريگيولرائيزيشن ۽ سرڪاري رڪارڊ ۾ مبينا بي ضابطگين واري معاملي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جي جاچ آفيسر اڳوڻي ڊي سي ملير محمد علي شاهه، بحريا ٽائون جي سي اي او احمد علي رياض، ڊائريڪٽر زين ملڪ ۽ ٻين 11 جوابدارن خلاف چالان جمع ڪرائي ڪيس هلائڻ ۽ ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ جمع ڪرايل چالان ۾ جاچ آفيسر عبدالغني مجيد، محمد يونس سميت 9 جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي عدالت طلب ڪيو ويندو.

چالان موجب جوابدارن ۾ احمد علي رياض ملڪ، سي اي او/ڊائريڪٽر بحريا ٽائون پرائيويٽ لميٽيڊ، زين ملڪ، بااختيار ڊائريڪٽر بحريا ٽائون پرائيويٽ لميٽيڊ، بحريا ٽائون پرائيويٽ لميٽيڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، سيد محمد علي شاهه، اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر ملير، مير محمد ڳڙهو، اسسٽنٽ ڪمشنر ايئرپورٽ سب ڊويزن، سهيل احمد ميمڻ، مختيارڪار ايئرپورٽ سب ڊويزن، ممتاز علي چنا، مختيارڪار ايئرپورٽ سب ڊويزن، محمد علي ڪلهوڙو، مختيارڪار ايئرپورٽ سب ڊويزن، مهتاب علي سهتو، سپروائزنگ ٽيپيدار، علي گل ڪلهوڙو، ٽيپيدار ديهه مهراڻ، ۽ قربان علي، لٽيگيشن ڪلارڪ مختيارڪار ايئرپورٽ سب ڊويزن آفيس سميت ٻيا جوابدار شامل آهن.

جاچ آفيسر چالان ۾ الزام لڳايو آهي ته ملير جي ايئرپورٽ سب ڊويزن سان لاڳاپيل سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ ۽ ريگيولرائيزيشن جي عمل دوران مبينا طور قانوني ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، سرڪاري رڪارڊ ۾ بي ضابطگيون ڪيون ويون ۽ غلط رپورٽن ۽ دستاويزن جو استعمال ڪيو ويو.

چالان موجب جاچ دوران زمين جي دستيابي، قبضي ۽ ريگيولرائيزيشن بابت تيار ڪيل رپورٽن تي به سوال اٿاريا ويا آهن. ڪجهه معاملن ۾ مبينا طور اهڙي زمين بابت ڪارروائي ڪئي وئي، جيڪا لاڳاپيل علائقائي حدبندي ۽ سرڪاري رڪارڊ موجب مختلف حيثيت رکي ٿي.

جاچ آفيسر دستاويزي رڪارڊ ۽ سامهون آيل معاملن جي بنياد تي 11 جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ۽ ڪيس هلائڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته 9 جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment