سول ۽ فوجي اختيارين پاران ڪي ايم سي کي برساتن کان اڳ انتظامن جي هدايت

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هلندڙ سال جون برساتون پوڻ کان اڳ سول ۽ فوجي اختيارين پاران ڪي ايم سي کي محمودآباد نالي ۽ نهرِ خيام آئوٽ فال جي فوري صفائي جي هدايت ڪئي وئي آهي.

فلڊ سيزن 2026ع بابت پري فلڊ ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس ۾ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي اپائن ۽ مختلف ادارن وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت فيصلا ڪيا ويا.

ڪانفرنس ۾ پي ڊي ايم اي سنڌ، پاڪستان موسميات کاتي ۽ فارميشنز جي فلڊ ڪنٽرول سينٽرن وچ ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي بابت ڊيٽا جي بروقت مٽاسٽا لاءِ ريئل ٽائيم ڊيش بورڊ تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

فلڊ رليف سامان جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پي ڊي ايم اي سنڌ کان گهربل سامان فوري فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، جڏهن ته سامان جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ هڪ ڪروڙ 61 لک رپين جا فنڊ جاري ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي.

فلڊ رليف سامان ۾ فائبر بوٽ، نيوميٽڪ بوٽ، آئوٽ بورڊ موٽر، ڊي واٽرنگ پمپ، جنريٽر ۽ ٻيو ضروري سامان شامل آهي، جڏهن ته ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪجهه سامان اڃا تائين فراهم ناهي ڪيو ويو.

محمودآباد نالي آئوٽ فال ۽ خيابانِ اقبال وٽ نهرِ خيام آئوٽ فال جي ڊي سلٽنگ، صفائي ۽ رڪاوٽن جي خاتمي جي ذميواري ڪي ايم سي کي ڏني وئي آهي. برساتي پاڻي جي بنا رنڊڪ نيڪال ۽ مون سون دوران شهري علائقن ۾ پاڻي بيهڻ کان بچڻ لاءِ ٻنهي آئوٽ فالز جي صفائي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

Share This Article
Leave a Comment