اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته نالي لئي ۾ چاڙهه اچي ويو. ڪٽاريا وٽ پاڻي جي سطح 22 فوٽن کان وڌي وئي، جنهن بعد خطري جا سائرن وڄايا ويا ۽ ڀرپاسي جي آبادي کي احتياط ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون.
اسلام آباد جي سيدپور ۾ 66 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ واسا جون ٽيمون ۽ ڳري مشينري مقرر ڪري پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا پيا وڃن. نارووال ۽ منڊي بهاءُالدين سميت پنجاب جي ٻين علائقن ۾ به برسات جاري آهي.
موسميات کاتي موجب جمعي تائين ملڪ جي مٿانهين ۽ وچ وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. فلڊ فارڪاسٽنگ ڊويزن موجب سنڌو درياهه ۾ ڪالاباغ، چشمہ، تونسہ ۽ گڊو بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال آهي، جڏهن ته ٻين دريائن ۾ صورتحال معمول موجب آهي.


