ڪراچي ڊفينس فيز 2 ۾ آزادي واري ڏهاڙي جي اسٽال تي فائرنگ ۾ ملوث 3 دهشتگرد گرفتار

4 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (CTD) ۽ وفاقي سول حساس اداري گڏيل ڪارروائي ڪندي ڊفينس فيز 2 ۾ آزادي واري ڏهاڙي جي اسٽال تي فائرنگ واري واقعي ۾ ملوث 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي اظفر مهيسر ۽ ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر ان سلسلي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪئي.

سي ٽي ڊي عملدارن موجب، 12 آگسٽ 2026ع تي رات 11:30 وڳي ڊفينس فيز 2، سن سيٽ بوليوارڊ، شيل پمپ ڀرسان قومي جهنڊا، جهنڊيون ۽ بيجز وڪرو ڪندڙ اسٽال تي فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ ۾ اسٽال تي موجود 35 ورهين جو امن پٽ جاويد سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

واقعي جو ڪيس FIR نمبر 665/2026 تحت ٿاڻي ڊفينس ۾ داخل ڪيو ويو. مقتول نيو آبادي، ڪرسچن ٽائون، ڪورنگي جو رهواسي هو ۽ آگسٽ جي شروعات کان ڊفينس فيز 2 ۾ آزادي واري ڏهاڙي جي حوالي سان قومي جهنڊا، جهنڊيون ۽ بيجز وڪرو ڪري روزگار ڪمائي رهيو هو.

واقعي کانپوءِ CTD ۽ حساس اداري گڏيل جاچ شروع ڪئي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ٽيمون جوڙيون ويون. جاچ ٽيمن ٽيڪنيڪل بنيادن ۽ ٻين دستياب ثبوتن جي مدد سان جاچ اڳتي وڌائي.

18 آگسٽ 2026ع تي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ ڪاز وي ندي ڀرسان ڪارروائي ڪري 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ ظفر علي پٽ عبدالرئوف، فراز پٽ محمد اسماعيل ۽ سجاد احمد پٽ بشير احمد طور ٿي آهي.

گرفتار دهشتگردن وٽان 3 دستي بم ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪيو ويو. جوابدارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع جي قلم 7 ۽ ايڪسپلوزو سبسٽنسز ايڪٽ 1908ع جي قلم 4 ۽ 5 تحت قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

شروعاتي جاچ دوران جوابدارن پابندي مڙهيل تنظيم سنڌو ديش ريووليوشنري آرمي (SRA) سان لاڳاپي جو انڪشاف ڪيو. جوابدارن موجب کين ملڪ کان ٻاهر موجود ارسلان شاهه پاران ڪراچي ۾ آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي لڳايل اسٽالن جي ريڪي ۽ اهڙي اسٽال کي نشانو بڻائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو. CTD ترجمان موجب ارسلان شاهه SRA جو عهديدار آهي ۽ ڀارتي پراڪسي جي چوڻ تي سنڌ ۾ دهشتگردي پکيڙڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو.

شروعاتي جاچ موجب سجاد احمد ملاح 3 آگسٽ کان ڪراچي ۾ مختلف اسٽالن جي ريڪي شروع ڪئي، جڏهن ته 11 آگسٽ تي ڊفينس فيز 2 واري اسٽال کي نشانو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 12 آگسٽ جي رات سجاد ملاح 125 موٽرسائيڪل تي واقعي واري هنڌ پهتو، جڏهن ته سندس ساٿي ظفر ۽ فراز ٻي موٽرسائيڪل تي سندس مدد ۽ ڪور لاءِ موجود هئا. سجاد ملاح اسٽال تي موجود امن کي فائرنگ جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو.

جاچ دوران اهو پڻ سامهون آيو ته ٽئي دهشتگرد الله والا ٽائون، ڪورنگي مان روانا ٿيا هئا. واردات کانپوءِ سندن چرپر ۽ مبينا سهولتڪارن بابت جاچ جاري آهي.

جوابدارن موجب ڪراچي ۾ 14 آگسٽ کان اڳ خوف ۽ هراس پکيڙڻ جي مقصد سان کين ملڪ کان ٻاهر مالي مدد فراهم ڪئي وئي هئي. گرفتار دهشتگردن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي، جڏهن ته سندن ممڪن سهولتڪارن، ملڪ کان ٻاهر موجود رابطن، مالي مدد جي ذريعن، هٿيارن ۽ بارودي مواد جي فراهمي ۽ ٻين ممڪن وارداتن ۾ ملوث هجڻ بابت به جاچ ڪئي پئي وڃي.

وڌيڪ ثبوت سامهون اچڻ تي ٻين دهشتگردن ۽ سهولتڪارن خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment