ملير (رپورٽ: شاهد ڇڄڙو) ملير ۾ گوندل شادي هال ڀرسان مهراڻ هاءِ وي جي گندي نالي مان نينگري جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ آيو آهي.
اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ نالي مان لاش ڪڍي ورتو.
پوليس موجب هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي.
پوليس لاش کي قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ملير به واقعي واري هنڌ پهچي ويو، جڏهن ته واقعي بابت پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


