گهوٽڪي (جعفر شيخ) گهوٽڪي ويجهو ڪچو ٻنڊي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملوڪ شيخ ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽي قتل جو واقعو پيش آيو آهي.
پوليس موجب، جوابدار خاندل شيخ مبينا طور پنهنجي گهرواري مائي ملوڪان شيخ ۽ نوجوان نور حسن شيخ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪرايا، جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مبينا جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن فوتي نور حسن شيخ جي گهرواري مائي پوپري الزام هنيو آهي ته خاندل شيخ، امام بخش شيخ ۽ ٻين جوابدارن مبينا طور ڪمند جي فصل ۾ گوليون هڻي سندس مڙس کي بيگناهه قتل ڪيو.
مائي پوپري جو چوڻ آهي ته پوليس به سندن مدد نٿي ڪري، هن وس وارن کان واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ۽ کيس انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


