جيڪب آباد: 3 ڏينهن اڳ قتل ٿيل اختر چانڊيو ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، مقتول جي دوست سميت 2 جوابدار گرفتار

1 Min Read

جيڪب آباد (رپورٽ: حاڪم علي) جيڪب آباد پوليس اختر چانڊيو قتل ڪيس ۾ ڪارروائي ڪندي مقتول جي دوست حسين بخش بروهي ۽ سهولتڪاري جي الزام هيٺ دين محمد جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب حسين بخش بروهي پوليس آڏو اعتراف ڪيو آهي ته پئسا نه ڏيڻ تي هن پنهنجي دوست اختر چانڊيو کي 7 گوليون هنيون.

ٻنهي جوابدارن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتاري بابت پوليس طرفان جلد پريس ڪانفرنس ذريعي تفصيل ظاهر ڪرڻ جو امڪان آهي.

ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ اختر چانڊيو جو لاش سوئي گئس ڀرسان ڪار مان مليو هو.

Share This Article
Leave a Comment