تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايراني فوج جي ترجمان محمد اڪرم مينيا چيو آهي ته آبنائي هرمز جي صورتحال هاڻي ڪڏهن به ماضي جهڙي نه رهندي ۽ دشمن وٽ واحد رستو اهو ئي آهي ته هو ايراني قوم جو احترام ڪري ۽ ايران جي جائز حقن کي تسليم ڪري۔
ايراني ميڊيا موجب ايراني فوج جي ترجمان تهران جي وليسار اسڪوائر ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته ايران جي هٿياربند فوجن کي آبنائي هرمز تي مڪمل ڪنٽرول حاصل آهي ۽ ان جي موجوده صورتحال تبديل نه ٿيندي۔
هن دشمنن کي خبردار ڪندي چيو ته ايران کي نه گهيري ۾ آڻي سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي۔
ترجمان ايراني فوج موجب جيڪڏهن دشمن ايترو بيوقوف بڻجي ٿو جو اسرائيلي سازش ۾ ڦاسي ٻيهر جارحيت جي غلطي ڪري ٿو ته ايران نوان محاذ کوليندي نون طريقن ۽ جديد وسيلن سان جواب ڏيندو۔


