نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي سپريم ڪورٽ رولو ڪتن کي مارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي۔
ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ ۾ رولو ڪتن جي منتقلي بابت درخواست ۾ ترميم جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت اختيارين کي رولو ڪتن کي مارڻ جي اجازت ڏني۔
ڀارتي سپريم ڪورٽ جي جسٽس وڪرم ناٿ، جسٽس سنديپ مهتا ۽ جسٽس اين وي انجاريا تي ٻڌل بينچ درخواستون رد ڪندي عوامي هنڌن تي رولو ڪتن جي موجودگي کي خطرناڪ قرار ڏنو۔
عدالت چيو ته جانورن جي واڌ ويجهه تي ضابطو آڻڻ وارن قانونن ۽ ٻين لاڳو قانوني طريقن مطابق اهڙن ڪتن کي ماريو وڃي سگهي ٿو، جيڪي انسانن لاءِ خطرو ثابت ٿين۔
سپريم ڪورٽ چيو ته اهي انهن واقعن کي نظرانداز نٿا ڪري سگهن، جن ۾ جانورن ماڻهن، خاص طور ٻارن تي حملا ڪيا هئا۔
ان کان علاوه عدالت رياستي حڪومتن تي به ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته اهي اڳ ۾ جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن۔


