پنڪي ڪيس ۾ڪهڙا وڏا نالا، آءِ جي سنڌ اهم انڪشاف ڪري ڇڏيو

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته انمول عرف پنڪي جي ڪيس ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا سامهون اچي سگهن ٿا۔

ڪراچي چيمبرز آف ڪامرس انڊسٽري جـَي دوري دوران واپارين سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان منشيات جي خاتمي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔

هن چيو ته منشيات استعمال ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ ۾ فرق آهي، جڏهن ته جيڪي منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو۔ هن وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان ٽاسڪ فورس جوڙي پئي وڃي ۽ هر شهري جو فرض آهي ته هو معلومات فراهم ڪري۔

پنڪي ڪيس بابت ڳالهائيندي جاويد عالم اوڍو چيو ته پنڪي گهڻو ڪري لاهور ۾ رهندي هئي ۽ هن ڪيس ۾ ڪيترائي معتبر نالا شامل آهن، جڏهن ته وڌيڪ ماڻهن جا نالا به سامهون اچي سگهن ٿا۔ هن ميڊيا کي درخواست ڪئي ته پنڪي کي غير ضروري شهرت نه ڏني وڃي، ائين نه ٿئي جو ان تي فلم ٺهي وڃي۔

آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ “آپريشن نجات مهراڻ” شروع ڪيو ويو، جنهن دوران 600 کان وڌيڪ ڌاڙيل يا ته ماريا ويا، گرفتار ڪيا ويا يا هٿيار ڦٽا ڪيا۔ هن دعويٰ ڪئي ته هاڻي سنڌ ۾ ڪو به “نو گو ايريا” ناهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ به امن امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر ٿي آهي۔

Share This Article
Leave a Comment