مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي ميرپور ڊويزن جي 13 مان 12 تڪن جا غير حتمي، غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جن ۾ ڪيترائي وڏا سياسي اپ سيٽ ڏسڻ ۾ آيا آهن.
سماهني تڪ ۾ بيلٽ پيپر ساڙڻ واري واقعي سبب نتيجو روڪيو ويو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي اميدوار چوڌري محمد رزاق کي حاصل واضح برتري سبب سندس ڪاميابي تقريبن يقيني سمجهي پئي وڃي.
غير حتمي نتيجن موجب ميرپور ڊويزن جي 13 تڪن مان مسلم ليگ (ن) 9 ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي 4 تڪ کٽيا آهن.
چونڊن ۾ اڳوڻو وزيراعظم چوڌري انوارالحق، پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري محمد ياسين پنهنجي اباڻي تڪ چڙهوئي تان، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير جاويد اقبال بڍانوي به شڪست کائي ويو.
مسلم ليگ (ن) جا 5 اميدوار پهريون ڀيرو قانون ساز اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا آهن، جن ۾ راجا محمد رياست خان (چڙهوئي)، سردار عمير نعيم (نڪيال)، راجا آصف (سهنسه)، راجا اياز نثار (کهوئي رٽه) ۽ چوڌري محمد رزاق (سماهني) شامل آهن.
چڙهوئي تڪ ۾ مسلسل ڪامياب ٿيندڙ چوڌري محمد ياسين کي راجا محمد رياست خان شڪست ڏني، جڏهن ته پيپلز پارٽي ان تڪ ۾ ڌانڌلي جا الزام به هنيا آهن.
نڪيال ۾ مسلم ليگ (ن) جي سردار عمير نعيم سخت مقابلي کانپوءِ اڳوڻي وزير جاويد اقبال بڍانوي کي شڪست ڏئي تڪ پنهنجي نالي ڪيو.
سهنسه ۾ راجا آصف پيپلز پارٽي جي چوڌري اخلاق کي هارايو، جڏهن ته کهوئي رٽه مان راجا اياز نثار، وليد انقلابي ۽ انصر ابدالي کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي.
سماهني ۾ مسلم ليگ (ن) جي چوڌري محمد رزاق استحڪام پاڪستان پارٽي جي علي شان سوني کي، جيڪو لڳاتار ٽي ڀيرا ڪامياب ٿيندو رهيو هو، شڪست ڏئي پهريون ڀيرو قانون ساز اسيمبلي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو.


