آمريڪا سان ڳالهيون، ايراني پرڏيهي وزارت جو وڏو بيان سامهون اچي ويو

1 Min Read

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رڳو پاڪستان آهي جيڪو پنهنجون ڪوششون ڪري رهيو آهي.

پريس ڪانفرنس دوران ايران-آمريڪا جي وچ ۾ جنگ جي خاتمي ۾ قطر جي ڪردار بابت خبرن تي ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته مختلف ملڪن ايران سان رابطو ڪيو آهي ۽ ڪيئي علائقائي ملڪن کي ڇڪتاڻ ۾ واڌ تي سخت خدشا آهن.

اسماعيل بقائي چيو ته ايران ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي لاءِ انهن سمورن ملڪن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪري ٿو. پر هن واضح ڪيو ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ باضابطا ٽياڪڙ آهي، جيڪو پنهنجون ڪوششون جاري رکي پيو اچي.

هن وڌيڪ چيو ته قطر سميت ٻيا ملڪ جيڪي ايران ۽ آمريڪا ٻنهي سان سٺا لاڳاپا رکن ٿا، اهي جڏهن به ضروري سمجهندا آهن ته پنهنجا خيال ايراني پرڏيهي وزير کي پيش ڪندا آهن.

Share This Article
Leave a Comment