آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ پاران ڏکڻ ايران ۾ فضائي حملا ڪرڻ جي دعويٰ

1 Min Read

واشنگٽن/تهران (ويب ڊيسڪ) امريڪي سينٽرل ڪمانڊ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فضائي الائونسز پاران ڏکڻ ايران ۾ وڏا فضائي حملا ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ايراني فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو آهي.
امريڪي سينٽرل ڪمانڊ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته امريڪي فورسز ايران جي ميزائل لانچنگ سائيٽس تي ڪامياب حملا ڪيا آهن، جڏهن ته سمنڊ ۾ بارودي سرنگون وڇائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ايراني ڪشتين کي کي به نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته امريڪي فوج جاري جنگ بندي جي عمل دوران مڪمل تحمل جو مظاهرو ڪندي، پر پنهنجي فوج جي دفاع لاءِ ڪنهن به حد تائين ويندي.
ٻئي طرف، ان کان اڳ ايران جي اهم ساحلي شهر بندر عباس ۾ ڪيترن ئي زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا هئا، جنهن بعد علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. جيتوڻيڪ، ايراني ميڊيا امريڪي دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته بندر عباس ۾ صورتحال مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ ڪنهن به قسم جي تشويش يا پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي.

Share This Article
Leave a Comment