اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين پاران ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف 23 کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪيو، جتي هن چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان اهم ملاقاتون ڪيون.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ان دوري دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ 75 سالا سفارتي لاڳاپن جي حوالي سان خصوصي تقريبون پڻ منعقد ڪيون ويون.
ٻنهي ملڪن پاران جاري ڪيل گڏيل پڌرائي موجب، پاڪستان ۽ چين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان پاران چين جي “ون چائنا پاليسي” جي مڪمل ۽ بي لوث حمايت جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۽ چين پاران اسٽريٽجڪ سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق
Leave a Comment Leave a Comment

