نوشهروفيروز: پارٽي قيادت کان ناراض ٿي پاڻ کي باهه ڏيندڙ پي پي جو پراڻو جيالو حاجي خان شيخ فوت

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي قيادت پاران نظرانداز ڪرڻ تي دلبرداشته ٿي پاڻ کي باهه ڏيندڙ پي پي جو سينيئر ۽ پراڻو جيالو حاجي خان شيخ زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.
تفصيل موجب، ڀرياروڊ جي رهواسي پيرسن جيالي حاجي خان شيخ پنج ڏينهن اڳ پارٽي ۾ نظرانداز ٿيڻ تي سخت مايوسي جي حالت ۾ پاڻ مٿان پيٽرول هاري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي.
باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سندس جسم جو 80 سيڪڙو حصو سخت متاثر ٿيو هو، جنهن بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پهريان نوابشاهه ۽ پوءِ ڪراچي جي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو هو.
پنجن ڏينهن تائين زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ رهڻ بعد، پيرسن جيالو اڄ صبح جو دم ڌڻي حوالي ڪري ويو.
سينيئر جيالي جي لاڏاڻي واري خبر کانپوءِ ڀرياروڊ ۾ پي پي جي مقامي ڪارڪنن ۽ شهرين ۾ سخت ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment