گمبٽ ۾ پٿر ڍوئيندڙ ڊمپر 7 ورهين جي معصوم نينگر کي چيڀاٽي ڇڏيو، ڊرائيور سوگهو

1 Min Read

گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) کنهواري ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ڇتل ڀٽي ڀرسان سانگهڙ-چونڊڪو روڊ تي پٿر کڻندڙ ڊمپر 7 ورهين جي نينگر فراز ولد رياض ڀٽي مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.

وارثن موجب حادثي ۾ نينگر جون ٻئي ٽنگون سخت متاثر ٿيون. کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ نوابشاهه منتقل ڪيو پئي ويو، پر هو رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ به ڏک جي لهر ڇانئجي وئي.

هوڏانهن ڄاڻ موجب حادثي ۾ ملوث ڊمپر ڊي بلوچ ڪمپني جو هو، جنهن جي ڊرائيور کي کنهواري پوليس پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment