اسرائيل جو غزا تي ڪيترو  قبضو، نيتن ياهو جي وڏي دعويٰ

1 Min Read

تل ابيب ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي فوج غزا جي لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو حصي تي ڪنٽرول حاصل ڪري چڪي آهي، جنهن سان اشارو ملي ٿو ته فوج جنگ بندي معاهدي ۾ طئي ٿيل حدن کان اڳتي وڌي وڌيڪ علائقن تي قبضو ڪري ورتو آهي.

هن هڪ تقريب دوران چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ اسرائيل پنهنجي فوجي طاقت، قوم ۽ ورثي کي دنيا آڏو ثابت ڪيو آهي ۽ اسان سڀ يرغمالين کي واپس آڻي چڪا آهيون، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته غزه مان نڪري وڃو پر اسان نه نڪتا آهيون ۽ هاڻي اسان 60 سيڪڙو علائقي تي ڪنٽرول رکون ٿا.

رپورٽن موجب آڪٽوبر کان جاري آمريڪي ٽياڪڙي واري جنگ بندي تحت اسرائيلي فوج کي “ييلو لائين” تائين محدود رهڻو هو، جتي هو صرف 50 سيڪڙو کان ٿورو وڌيڪ علائقي تي موجود هئي، پر نيتن ياهو جو بيان ظاهر ڪري ٿو ته فوج پنهنجي حدن کي وڌائيندي اڳتي “اورنج لائين” تائين پهچي وئي آهي.

 جڏهن ته غزه ۾ تشدد جاري آهي ۽ جنگ بندي کي مضبوط ڪرڻ ۽ جنگ ختم ڪرڻ جون ڪوششون اڃا به تعطل جو شڪار آهن۔

Share This Article
Leave a Comment