بلوچستان ۾ 11 عوامي منصوبن جو افتتاح، بلاول ڀٽو زرداري ڪهڙو اعلان ڪيو؟

4 Min Read

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا جي دوري دوران بلوچستان حڪومت طرفان شروع ڪيل 11 وڏن عوامي فلاح ۽ صحتِ عامه جي منصوبن جو افتتاح ڪيو، جن ۾ صوبي جي پهرين فضائي ايمبولينس سروس ۽ ڪوئيٽا ۾ قائم جديد سهولتن سان ليس مرڪز به شامل آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحتِ عامه ڪا مراعت نه پر عوام جو بنيادي حق آهي، ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو نظريو اهو آهي ته هر شهري کي مفت ۽ معياري علاج جون سهولتون سندس در تائين پهچايون وڃن.

هن چيو ته سندس جماعت هميشه عوام دوست ۽ غريب دوست سياست تي يقين رکي ٿي ۽ پٺتي پيل علائقن جي خدمت کي ترجيح ڏئي ٿي.

هن چيو ته جڏهن حڪومت عام ماڻهو جي مدد ڪري ٿي ته ان سان ملڪ جي معيشت کي به طاقت ملي ٿي. هن موجوده معاشي حالتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ، خطو ۽ دنيا ڪيترين ئي مشڪلاتن مان گذري رهيا آهن، جنهن سبب معاشي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ۽ خدشو آهي ته اها صورتحال اڳتي هلي وڌيڪ معاشي بحران جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي، خاص طور تي پٺتي پيل طبقن لاءِ آهي.

بلاول ڀٽو زرداري زور ڏنو ته صحت جون سهولتون هر شهري جو حق آهن، نه ڪا مراعتم هن چيو ته ڪنهن به سماج ۾ اهڙو نظام نه هجڻ گهرجي جتي مالي وسيلن جي کوٽ سبب ڪو ماڻهو علاج کان محروم رهي يا پنهنجي زندگي وڃائي ويهي.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه سرڪاري شعبي ۾ صحت جي نظام تي ڌيان ڏنو آهي ۽ سندس ڪوشش رهي آهي ته عوام کي مفت ۽ معياري علاج سندن گهرن جي در تائين فراهم ڪيو وڃي. هن سنڌ جي صحت واري نظام کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بهتر قرار ڏيندي چيو ته هو ساڳيو ماڊل بلوچستان ۾ به ڏسڻ چاهي ٿو.

هن بلوچستان حڪومت، خاص طور تي وزيراعليٰ سرفراز بگٽي ۽ صوبائي وزير صحت بخت محمد ڪاڪڙ جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته صحت جي شعبي ۾ شروع ڪيل منصوبا ايندڙ مدت ۾ مڪمل ٿي ويندا ته اهو صوبي لاءِ وڏي ترقي هوندي.

چيئرمين ٻڌايو ته شروع ۾ 20 منصوبن جو افتتاح طئي هو، پر هن هڪ ڏينهن ۾ 11 منصوبن جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته باقي منصوبا ايندڙ دوري ۾ مڪمل ڪيا ويندا.

هن بلوچستان ۾ بينظير ايمبولينس سروس ۽ فضائي ايمبولينس سروس جي شروعات کي اهم قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سان ڏورانهن علائقن جي مريضن کي فوري طبي امداد ۽ منتقلي ۾ مدد ملندي. هن ڪوئيٽا جي صدماتي مرڪز ۾ 150 بسترن، جديد سهولتن ۽ ڪاغذن کان پاڪ نظام کي به ساراهيو ۽ مختلف علائقن مان آيل ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري پوليو جي خاتمي لاءِ بلوچستان حڪومت جي قدمن کي به قابلِ تعريف قرار ڏنو ۽ چيو ته صحت جي شعبي ۾ اهڙا قدم عوامي ڀلائي جي طرف هڪ مثبت اڳڀرائي آهن۔

Share This Article
Leave a Comment