راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ طوفاني برسات سبب هيٺاهن علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، جڏهن ته انتظاميا اڄ تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي موجب برسات رات 3:20 وڳي شروع ٿي ۽ صبح 8 وڳي تائين جاري رهي. تيز برسات سبب روڊن ۽ علائقن ۾ گوڏن تائين پاڻي بيهجي ويو.
ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي نديم ناصر موجب شهر ۾ 200 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، جيڪا گذريل 3 سالن دوران سڀ کان وڌيڪ آهي. ناله لئي ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد کان وڌي وئي، ڪٽاريا وٽ 29 فوٽ ۽ گوالمنڊي پل وٽ 24 فوٽ پاڻي رڪارڊ ڪيو ويو.
انتظاميا موجب ناله لئي جي پاڻي سبب ڀرپاسي وارا نالا پوئتي وهڻ لڳا، جنهن ڪري هيٺاهين آباديَن ۾ پاڻي داخل ٿيو. متاثر علائقن مان ماڻهن جي منتقلي لاءِ ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن.
پاڪ فوج، ريسڪيو 1122 ۽ ٻيا ادارا امدادي ۽ نيڪال واري ڪارروائي ۾ انتظاميا سان گڏ موجود آهن، جڏهن ته ناله لئي ڀرسان آبادين کي احتياط طور علائقو خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.


