ملير (رپورٽر) ملير ۾ ايس ايس پي جاچ فهميدا عباسي جي سربراهي ۾ جاچ پوليس جون ڌار ڌار ڪارروايون، گم ڄاڻايل 2 ناريون بازياب ۽ 2 جوابدار گرفتار ڪيا ويا.
ملير ڪينٽ پوليس گم ٿيل ناري زيب النساءَ کي، جڏهن ته قائدآباد پوليس اريبه بيبي کي بازياب ڪرائي ورتو.
ٻئي طرف گڏاپ سٽي جي جاچ ٽيم ڪارروائي ڪندي خادم حسين ۽ غلام مصطفيٰ کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب بازياب ڪرايل نينگرين کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.


