واشنگٽن (نيوز ڊيسڪ) آمريڪا جي اڳوڻي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ جنرل مارڪ ڪمٽ چيو آهي ته پاڪستان کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو مڪمل اعتماد حاصل آهي ۽ هو خطي ۾ اهم سفارتي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو.
پوليٽيڪل ملٽري افيئرز جي اڳوڻي عهديدار جنرل مارڪ ڪمٽ چيو ته پاڪستان، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري تڪرار ۾ هڪ اثرائتي ثالث جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جيئن هن ماضيءَ ۾ به اهڙيون ذميواريون ڪاميابيءَ سان نڀايون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هميشه ٽياڪڙي جي ذميواري انتهائي شاندار انداز ۾ پوري ڪئي آهي، موجوده تڪرار کان اڳ ئي صدر ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي وچ ۾ هڪ خاص نوعيت جو اعتماد ۽ هم آهنگي موجود هئي.
ان ويجهي لاڳاپي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
اڳوڻي اعليٰ عهديدار موجب، ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي وچ ۾ هي بهتر لاڳاپا پاڪستان ۽ آمريڪا، ٻنهي ملڪن لاءِ فائدي مند ثابت ٿيا آهن، جنهن سان خطي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.