پنڪي 3 مهينن کان نئين منشيات تي ڪم ڪري رهي هئي

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مبينا وڏي ڪوڪين ڊيلر انمول عرف پنڪي بابت نوان انڪشاف سامهون آيا آهن.
ذريعن موجب جوابدار عورت خلاف هيل تائين 12 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن، جن ۾ قتل جو ڪيس به شامل آهي.
ذريعن موجب انمول پنڪي کي ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا حراست ۾ ورتو ويو، پر مختلف ڪيسن ۾ سندس باقاعده گرفتاري عمل ۾ نه آندي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنڪي گذريل ٽن مهينن کان هڪ نئين منشيات تي ڪم ڪري رهي هئي ۽ گرفتاري وقت مبينا طور ان جو فارمولو مڪمل ڪري چڪي هئي.
ذريعن وڌيڪ دعويٰ ڪئي آهي ته انمول پنڪي پنهنجي تيار ڪيل مخصوص منشيات ۽ شراب پاڻ به استعمال ڪندي هئي ۽ پنهنجي ئي برانڊ کي ترجيح ڏيندي هئي، هو پنهنجي برانڊ جي شوقين هئي.

Share This Article
Leave a Comment