انڊونيشيا ۾ 7.7 شدت جو زلزلو، 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

1 Min Read

جڪارتا: (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي فلوريس ٻيٽ ڀرسان 7.7 شدت جي شديد زلزلي سبب گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

مائوميري شهر ۾ عمارتن جو ملبو ڪرڻ سبب جاني نقصان ٿيو، جڏهن ته ڪيترن ئي عمارتن کي نقصان پهتو.

زلزلي کانپوءِ 6.1 شدت سميت ڪيترائي آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا.

اختيارين سونامي وارننگ جاري ڪئي، جيڪا بعد ۾ واپس ورتي وئي.

متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون ۽ نقصان جو جائزو جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment