قلعه عبدالله (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي سيگي واري علائقي ۾ هٿياربندن ڪراچي کان بلوچستان ويل خاندان جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتون موقعي تي مارجي ويون جڏهن ته پيءُ ۽ ڌيءُ زخمي ٿي پيا.
زخمين کي شروعاتي طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪوئيٽا ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب متاثر خاندان جو واسطو ڪراچي سان آهي ۽ هو ڪاروباري سلسلي ۾ گلستان آيو هو.
شروعاتي جاچ موجب گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو، پر نه بيهڻ تي فائرنگ ڪئي وئي.
پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪري رهي آهي.


