اوٻاوڙو (رپورٽ: علي رضا راجپوت) اوٻاوڙو ڀرسان رائونتي ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ شر برادري جي هٿياربندن پاران بيا 1 پوليس پڪٽ تي ٻه ڊرون حملا ڪيا ويا، پر ڊرون ڦاٽي نه سگهڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
پوليس موجب، ڊرون حملي کانپوءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.
پوليس ڪچي واري علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪندي وڌيڪ نفري طلب ڪري ورتي آهي. ڊرون حملي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


