اوٻاوڙو (رپورٽر: علي رضا راجپوت) اوٻاوڙو ڀرسان علائقي جهنگل ملڪ ۾ مبينا طور هاڃيڪار جوس پيئڻ سبب ٽن عورتن سميت 4 ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.
متاثرن ۾ طالب حسين ڀٽو، وزيران بي بي، رضيه بي بي ۽ صائمه بي بي شامل آهن. وارثن ۽ علائقي واسين کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن کين هنگامي طبي امداد فراهم ڪئي ۽ سندن علاج جاري آهي.
واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ پريشاني جي لهر پکڙجي وئي آهي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي جاچ ڪري هاڃيڪار ۽ غير معياري شربت وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
شهرين جو چوڻ آهي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ لاڳاپيل ادارن کي بازارن ۾ وڪرو ٿيندڙ شربتن جي معيار جي جاچ ۽ نگراني کي يقيني بڻائڻ گهرجي.


