وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقابلي دوران هڱورجا واسي پاڪ فوج جو جوان شهيد

1 Min Read

هڱورجا/خيرپور: (رپورٽر) وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو.

شهيد جوان عباس علي پٽ زوار فضل حسين سولنگي جو تعلق هڱورجا ويجهو ڳوٺ نهال خان سولنگي سان هو، جيڪو وطن جي دفاع خاطر دهشتگردن سان بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي.

علائقي واسين شهيد عباس علي جي قرباني کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته قوم پنهنجي بهادر سپاهي جي قرباني کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

شهيد جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ نهال خان سولنگي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪ فوج جي برگيڊيئر نثار، ليفٽيننٽ ڪرنل فيصل، ميجر ڪامران سميت علائقي جي معززين ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.

جنازي نماز کانپوءِ شهيد کي فوجي اعزازن سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment