ايران آمريڪا معاهدو جمعي تي، وزيراعظم پاران فيلڊ مارشل ۽ سياسي قيادت جي واکاڻ

5 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جنگ جي ڊگهي رات کان پوءِ امن جو سج اڀري آيو آهي، پاڪستان جو ڪردار تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيو ويندو.

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايران ۽ آمريڪا لبنان سميت سمورن محاذن تي فوجي ڪارروايون فوري ۽ مستقل طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته هن تاريخي معاهدي جي باضابطه تقريب 19 جون تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندي، جنهن جي ميزباني پاڪستان ڪندو.

وزيراعظم ان اهم اڳڀرائي تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي صرف ٻن ملڪن وچ ۾ ٿيل معاهدو نه، پر امن، ڳالهه ٻولهه ۽ ڏاهپ جي فتح آهي.

هن پنهنجي قائد ميان نواز شريف، صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سمورين سياسي جماعتن جي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته قومي اتحاد ۽ يڪجهتي هن ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ايران جي سپريم ليڊر ۽ ايراني صدر کي به مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته هنن انتهائي ڏکين حالتن ۾ تدبر، ڏاهپ ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ دنيا امن جي هڪ عظيم ڏينهن جي شاهد بڻجي آهي.

هن چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان دنيا امن جي هڪ تاريخي سنگ ميل کي پار ڪيو آهي.وزيراعظم ڳالهين جي عمل ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هن انتهائي مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو. هن سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جو به شڪريو ادا ڪيو، جن امن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀرپور تعاون ۽ مشاورت فراهم ڪئي.

هن يورپ، برطانيا ۽ پاڪستان جي ٻين دوست ملڪن جو به هن موقعي تي شڪريو ادا ڪيو.

شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي اڄ جيڪا عزت ۽ وقار عطا ڪئي آهي، قومون صدين تائين اهڙي مقام جي تلاش ۾ رهنديون آهن. هن چيو ته جنگ جي باهه وسائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻين ڪوششن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي ۽ تاريخ هميشه هن ڪردار کي ياد رکندي.

وزيراعظم قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ پوري پاڪستاني قوم کي هن ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ جو ڏينهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ به فخر جو باعث آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فرزند فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ هي تقرير نامڪمل رهندي. سندس چوڻ هو ته عاصم منير جنگ جي باهه وسائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي، ڪيترن ئي ڏکين مرحلن ۽ چئلينجن باوجود ثابت قدمي سان ڪوششون جاري رکيون، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل رات جنگبندي جو اعلان ممڪن بڻيو.

وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن خلوص، استقامت ۽ دانائي سان ڀرپور هي سفر جاري نه رهي ها ته دنيا ۾ امن جو خواب ٽٽي سگهي پوي ها ۽ جنگ وڌيڪ تباهي جو سبب بڻجي ها.

شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار کي به مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته هن امن عمل کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي خدمتن کي به ساراهيو ۽ چيو ته هن ايران سان لاڳاپيل معاملن کي وڏي ذميواري ۽ لگن سان سنڀاليو.

وزيراعظم پرڏيهي وزارت ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن جي پيشاوراڻين صلاحيتن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.

هن چيو ته جنگ جي تباهه ڪندڙ اثرن سبب سڄي دنيا ۽ عالمي معيشت متاثر ٿي، جڏهن ته پاڪستاني معيشت تي به دٻاءُ وڌيو، پر پاڪستاني قوم صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪندي حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو.

وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بروقت فيصلن ۽ اڳواٽ رٿابندي ذريعي عوام کي مهانگائي جي ممڪن اثرن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ وڏن وزيرن جو ڪردار پڻ ساراهه جوڳو رهيو.

هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته امن معاهدي جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ عالمي معاشي فائدن کي استعمال ڪندي هر پاڪستاني تائين رليف ۽ سهولتون پهچايون وينديون. سندس چوڻ هو ته وفاقي ۽ صوبائي قيادت ان مقصد جي حاصلات تائين ڪم جاري رکندي ۽ پنهنجي ذميواري مڪمل ڪرڻ تائين آرام سان نه ويهندي.

Share This Article
Leave a Comment