ايران جي بحرين، ڪويت ۽ اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملن جي دعويٰ، هرمز لنگهه بند ڪرڻ جو اعلان

2 Min Read

تهران/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي حملن جي جواب ۾ بحرين، ڪويت ۽ اردن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن ۽ تنصيبات کي ڊرونن ۽ بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو آهي.
ايراني ميڊيا موجب بحرين ۾ آمريڪي پنجين بحري ٻيڙي جي هيڊڪوارٽر، ڪويت جي علي السالم ايئر بيس ۽ اردن جي الازرق ايئر بيس سميت ڪيترن ئي هدفن تي حملا ڪيا ويا. ايران طرفان هرمز لنگهه بند ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ميزائل ۽ ڊرون روڪي تباهه ڪيا ويا ۽ آمريڪي تنصيبات کي وڏي نقصان پهچڻ جون ايراني دعوائون درست ناهن. آمريڪي اختيارين موجب علائقي ۾ واپاري سامونڊي اچ وڃ جاري آهي، جڏهن ته هرمز لنگهه جي مڪمل بندش جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي.
ان کان اڳ آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ ايران اندر ڪيترن فوجي هدفن تي ٻي رات به هوائي حملا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
آمريڪي بيانن مطابق حملن ۾ ايران جي فضائي دفاعي نظام، راڊارن، نگراني ۽ رابطن واري نظام کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ايراني ميڊيا بندر عباس ۽ قشم جي علائقن ۾ ڌماڪن جا اطلاع ڏنا آهن.
رپورٽن موجب آمريڪا انهن حملن کي بحر عمان ۾ مبينا طور آمريڪي اپاچي هيليڪاپٽر ڪيرائڻ واري واقعي جو ردعمل قرار ڏنو آهي.

Share This Article
Leave a Comment