تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني خبر ايجنسين موجب ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي جنازي ۽ تدفين جي تقريبن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.
رپورٽن مطابق آيت الله علي خامنه اي جي الوداعي تقريب 4 ۽ 5 جولاءِ تي منعقد ڪئي ويندي.
خبر ايجنسين موجب 6 جولاءِ تي تهران ۾ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته 7 جولاءِ تي قم شهر ۾ به جنازي نماز ادا ڪئي ويندي.
رپورٽن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 9 جولاءِ تي مشهد شهر ۾ جنازي جو جلوس ڪڍيو ويندو ۽ تدفين پڻ اتي ئي ڪئي ويندي.
ايراني ميڊيا موجب تدفين مشهد ۾ امام رضا جي روضي ۾ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته مختلف ذريعن ۾ هن خبر بابت مختلف دعوائون سامهون اچي رهيون آهن، تنهنڪري حتمي سرڪاري تصديق جو انتظار ڪيو پيو وڃي.


