واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جيڪڏهن آمريڪا سان معاهدو ڪري ٿو ته پوءِ مسلم ملڪن کي به ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ گهرجي۔
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ”ٽروٿ سوشل“ تي جاري بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ايران سان ڳالهين ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي رهي آهي۔ هن چيو ته يا ته هڪ بهترين معاهدو ٿيندو يا وري ڪو به معاهدو نه ٿيندو، ۽ اهڙي صورت ۾ جنگ ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿي جيڪا اڳ کان وڌيڪ شديد هوندي۔
ٽرمپ چيو ته ڪو به ڌر جنگ نٿي چاهي، تنهنڪري آمريڪا هڪ جامع معاهدي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔
هن ٻڌايو ته ڇنڇر ڏينهن هن سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان، گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني، قطر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان آل ثاني، پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان، مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي، اردن جي بادشاهه عبدالله ٻئي ۽ بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون۔
ٽرمپ موجب هن ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته آمريڪا جي طرفان هن پيچيده مسئلي جي حل لاءِ ڪيل سڀني ڪوششن کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ضروري آهي ته اهي سڀ ملڪ گڏجي ابراهيمي معاهدي تي صحيحون ڪن۔
هن چيو ته انهن ملڪن ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، پاڪستان، ترڪي، مصر، اردن ۽ بحرين شامل آهن۔ ٽرمپ موجب ممڪن آهي ته هڪ يا ٻه ملڪ ڪنهن سبب جي ڪري معاهدي ۾ شامل نه ٿين، پر گهڻن ملڪن کي هن تاريخي معاهدي جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار هجڻ گهرجي۔


