بابر اعظم جي مداحن لاءِ چڱي خبر

1 Min Read

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم فٽ ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هن نيٽ تي بيٽنگ پريڪٽس به شروع ڪري ڇڏي آهي.

بابر اعظم ڍاڪا ۾ بيٽنگ ڪوچ اسد شفيق جي نگرانيءَ هيٺ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي اڪيڊمي ۾ بيٽنگ پريڪٽس ڪئي.

ان موقعي تي ٽرينر ۽ فزيو پڻ بابر سان گڏ نيٽس تي موجود هئا.بيٽنگ پريڪٽس کانسواءِ هن وڪيٽن جي وچ ۾ بنا ڪنهن پريشاني جي رننگ پڻ ڪئي.

واضح رهي ته بابر اعظم گوڏي جي انجريءَ سبب بنگلاديش خلاف پهريون ٽيسٽ نه کيڏي سگهيو هو.
بابر اعظم سلهٽ ۾ کيڏي ويندڙ سيريز جي ٻي ٽيسٽ لاءِ ٽيم کي دستياب هوندو.

Share This Article
Leave a Comment