پئرس ( ويب ڊيسڪ ) فرانس جي هڪ نفسياتي اسپتال ۾ ذهني صحت جي علاج لاءِ گڏهن جي مدد ورتي پئي وڃي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، پيرس جي ڀرپاسي ۾ ساوڪ وارو ماحول ۽ تاريخي عمارتن جي وچ ۾ موجود ولي ايوراڊ اسپتال مريضن کي روايتي طبي علاج سان گڏ هڪ منفرد ۽ پُرسڪون تجربو پڻ فراهم ڪري رهيو آهي.
رپورٽ موجب هن منصوبي تحت مريض گڏهن سان وقت گذارين ٿا، کين گهمائڻ وٺي وڃن ٿا، سندن سار سنڀال ڪن ٿا ۽ ساڻن جذباتي لاڳاپو قائم ڪن ٿا. هڪ تازي سيشن دوران مريضن پنج گڏهن سان خوشگوار وقت گذاريو ۽ موڪلائڻ وقت کين پيار سان ڀاڪر پڻ پاتا.
رپورٽ موجب اسپتال جي 60 ورهين جي مريض نٿالي ٻڌايو ته گڏهن سان وقت گذارڻ کيس اهڙو ئي سڪون ڏئي ٿو جهڙو ڪنهن پُرسڪون دوا جي استعمال سان حاصل ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو ته علاج جو هي طريقو ذهني راحت فراهم ڪري ٿو ۽ انسان ڪجهه وقت لاءِ دنياوي پريشانين کي وساري ويهي ٿو.
رپورٽ موجب، پيرس جي هن اسپتال ۾ مريضن کي اها سهولت بنا ڪنهن معاوضي جي ڏني وڃي ٿي.
علاج دوران هر مريض کي هڪ مخصوص گڏهه فراهم ڪيو ويندو آهي ته جيئن وقت سان گڏ ٻئي هڪ ٻئي جي عادتن ۽ مزاج کان واقف ٿي سگهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسپتال جي هن يونٽ ۾ ڪم ڪندڙ نرس آڊري سيفرٽ ٻڌايو ته نٿالي جي ذهني حالت ۾ گڏهه سان ڪجهه ملاقاتن کان پوءِ نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي.
هن چيو ته شروعات ۾ نٿالي جسماني معذوري سبب ويل چيئر ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي، پر گڏهه سان وقت گذارڻ کان پوءِ سندس اعتماد ۾ واڌ ٿي ۽ هاڻي هوءَ ويل چيئر تان اٿي گڏهه سان گڏ بيهي به سگهي ٿي.


