اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خاطري ڪرائي آهي ته بجلي جي سبسڊي واري موجوده نظام ۾ وڏيون تبديليون آنديون وينديون.
نئين پلان تحت، 200 يونٽن تائين استعمال تي ملندڙ جنرل سبسڊي ختم ڪري جنوري 2027 کان ٽارگيٽيڊ سبسڊي متعارف ڪرائي ويندي.
نئين نظام موجب، هاڻي سبسڊي يونٽن جي بنياد تي نه پر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا جي بنياد تي رڳو غريب ۽ مستحق خاندانن کي ملندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي گهراڻا هڪ گهر ۾ 2 کان 3 ميٽر لڳائي پنهنجو استعمال 200 يونٽن کان گهٽ ظاهر ڪندا هئا ته جيئن سبسڊي حاصل ڪري سگهن. نئين نظام سان اها ٺڳي ختم ٿي ويندي.
حڪومت نيشنل سوشيو اڪنامڪ رجسٽري کي بجلي جي واهپيدارن سان ڳنڍڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان نئون سسٽم تيار ڪري رهي آهي.
پنجاب ۾ ڪاميابي سان هلندڙ اي آبيانا سسٽم کي ايندڙ مالي سال کان سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان تائين وڌايو ويندو.
آبپاشي جي پاڻي جا اگهه هاڻي مشينري جي سار سنڀال ۽ ٻين خرچن جي حساب سان مقرر ڪيا ويندا.
پاڻي ۽ بجلي جي شعبن ۾ انهن سڌارن کانپوءِ پاڻي پاڪستان کي آر ايس ايف پروگرام تحت 20 ڪروڙ ڊالرن جي ٻي قسط ملڻ جا امڪان روشن ٿي ويا آهن.
آءِ ايم ايف ايگزیکٹو بورڊ هن قسط جي منظوري لاءِ 8 مئي 2026 تي واشنگٽن ۾ اجلاس ڪندي.

بجلي تي سبسڊي جو نظام تبديل: رڳو بي آءِ ايس پي جي مستحقن کي رعايت ملندي
Leave a Comment Leave a Comment

