چنائي (ويب ڊيسڪ) تمل ناڊو اسيمبلي چونڊن جي نتيجن سڄي ڀارت کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، جتي مشهور اداڪار وجي جي پارٽي ’تملگا ويٽري ڪزگم‘ (ٽي وي ڪي) رياست جي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي سامهون آئي آهي.
هن ڪاميابي سان رياست جي سياست ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حاڪم جماعتن جي اجاراداري جو خاتمو ٿي ويو آهي.
جون 1977 کانپوءِ هي پهريون ڀيرو آهي جو تمل ناڊو ۾ ڊي ايم ڪي يا اي آءِ اي ڊي ايم ڪي کانسواءِ ڪنهن ٽئين ڌر جي حڪومت قائم ٿيڻ واري آهي.
وجي پنهنجي پهرين چونڊ مهم دوران ڪنهن به مرڪزي يا علائقائي پارٽي سان اتحاد ڪرڻ بدران اڪيلي سر چونڊون وڙهي هيءَ تاريخي فتح حاصل ڪئي.
اڱاري ڏينهن وجي پنهنجي پهرين بيان ۾ وزيراعظم نريندر مودي ۽ اپوزيشن ليڊر راهول گاندي جي مبارڪبادن جو جواب ڏنو.
وجي لکيو ته، نيڪ خواهشن جي مهرباني، اسان رياست جي ثقافتي قدرن جي تحفظ ۽ عوامي خدمت لاءِ پرعزم آهيون. سياست کان مٿانهون ٿي تمل ناڊو جي ڀلائي اسان جي پهرين ترجيح هوندي.
وجي جي وڏي وزير بڻجڻ کانپوءِ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هو فلمي دنيا کان مڪمل طور پري ٿي ويندو. سندس آخري فلم ’جنا نائيگن‘ اڃا تائين سينسر بورڊ وٽ رڪيل آهي ۽ جنوري کان رولڙي جو شڪار آهي.
وجي جي هن سوڀ کيس اين ٽي راما رائو، ايم جي رام چندرن ۽ جيارام جيلليتا جهڙن عظيم اداڪار سياستدانن جي صف ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.

تمل ناڊو ۾ سياسي انقلاب: اداڪار وجي چونڊون کٽي وڏو وزير بڻجي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

