ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦڙ ڦڙ، موسم خوشگوار

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) شهر جي صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، برنس روڊ، نمائش، گرو مندر، ناظم آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ صبح سوير بوندا باندي ٿي، جنهن بعد موسم خوشگوار ٿي وئي.

بوندا باندي سبب روڊن تي هلڪي ترڪڻ ٿي پئي، جنهن ڪري ڪجهه علائقن ۾ موٽر سائيڪلون سلپ ٿيڻ جا واقعا پيش آيا. شهرين کي احتياط سان موٽر سائيڪل هلائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گهڻو ڪري ڪڪرن سان ڍڪيل رهندي، جڏهن ته رات ۽ صبح جي وقت بوندا باندي جو امڪان آهي. شهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن تيز هوائون پڻ لڳي سگهن ٿيون.

اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 31 کان 33 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 26.5 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. هوا ۾ گهم 77 سيڪڙو، جڏهن ته سامونڊي هوائن جي رفتار 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي.

Share This Article
Leave a Comment