Focus with Zardari

ڪراچي: پي پي ايڇ آءِ سنڌ ۾ مبينا غيرقانوني مقررين بابت اينٽي ڪرپشن جو نوٽيس

2 Min Read

پي پي ايڇ آءِ سنڌ ۾ اهم عهدن تي مبينا غيرقانوني ۽ غيرشفاف مقررين جو معاملو اينڪويريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي جاچ جي دائري ۾ اچي ويو آهي. اينٽي ڪرپشن سنڌ پاران پي پي ايڇ آءِ سنڌ کي باضابطه نوٽيس جاري ڪري شڪايت ۾ سامهون آيل الزامن بابت جواب، وضاحتون ۽ لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي.

شڪايت ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته پي پي ايڇ آءِ سنڌ جي اهم عهدن تي مقررين دوران کليل اشتهار، مقابلي، شارٽ لسٽنگ، ٽيسٽ ۽ انٽرويو سميت مقرر ٿيل ڀرتي ۽ چونڊ واري طريقيڪار تي مبينا طور عمل نه ڪيو ويو. شڪايت ۾ سي اي او جاويد علي جاگيراڻي ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر رياض حسين راهوجو جي مبينا ڪردار بابت پڻ سوال اٿاريا ويا آهن.

ڊائريڪٽر شاهد علي شاهه ۽ پرنسپل آفيسر ايمن لطيف ڀٽي جي مقررين بابت پڻ پڇاڻو ڪيو ويو آهي ته ڇا انهن عهدن لاءِ باقاعده اشتهار جاري ڪيو ويو، اهل اميدوارن کي مقابلي جو موقعو ڏنو ويو ۽ چونڊ وارو مقرر عمل مڪمل ڪيو ويو يا نه.

اينٽي ڪرپشن پاران مقررين جا اختيار، منظوريون، ڀرتي وارو عمل، چونڊ جو رڪارڊ ۽ لاڳاپيل دستاويز طلب ڪيا ويا آهن. پي پي ايڇ آءِ سنڌ جي جواب ۽ پيش ڪيل رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ معاملي ۾ وڌيڪ ڪارروائي بابت فيصلو ڪيو ويندو.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment